نيٽو اجلاس ۾ ڪنهن به ملڪ پاڪستان جي ڪردار تي تنقيد ناهي ڪئي: جنرل زبير محمود

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته نيٽو اجلاس ۾ ڪنهن هڪ ملڪ به پاڪستان جي ڪردار تي تنقيد ناهي ڪئي. نيٽو اجلاس ۾ شرڪت بعد برسلز کان ڪراچي پهچڻ تي جنرل زبير محمود حيات چيو ته اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ شريڪ 29 ملڪن پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيو آهي ۽ ڪنهن هڪ ملڪ پاڪستان جي ڪردار تي تنقيد ناهي ڪئي، اميد آهي ته افغانستان ۾ جنگ جو خاتمو ٿيندو ۽ افغان جنگ جي خاتمي سان پاڪستان کي خاص فائدو ٿيندو. جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2014ع کان 2019ع تائين تشدد گهٽ ٿيو آهي ۽ تشدد جي درجي ۾ 92 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، پاڪستان خوبصورت ملڪ ۽ معدني وسيلن سان مالا مال آهي، هاڻ حالتون تبديل ٿي رهيون آهن ۽ پاڪستان ايندڙ ورهين ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندو، معاملا پر امن طريقي سان حل ٿيندا، تعليم ملڪ جي ترقي ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪندي. اولهه ۾ چيف ايگزيڪٽو تعليمي ادارا قائم ڪيا آهن، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي کان سواءِ پاڪستان بنا دل وارو هوندو، مصنوعي ذهانت مستقبل آهي ۽ ان ۾ پاڪستان به اڳتي وڌي رهيو آهي. جنرل زبير چيو ته ڊيٽا جي اهميت هاڻ ٻارڻ سان به وڌندي پئي وڃي، ڊيٽا ئي مستقبل آهي ۽ اسان کي ڊيٽا کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ڪلائوڊ ڪميوٽنگ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ ڊيٽا جي لاءِ وڏو انفرااسٽريچڪر بڻايو ويو آهي پر ڊيٽا جي حوالي سان وڌيڪ گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *