نيو سرڪٽ هائوس خيرپور جي تعميراتي ڪم کي معياري بڻائيندي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي: قائم علي شاهه

ڪراچي( اي پي پي )سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آچر ڏهاڙي خيرپور پهچي نيو سرڪٽ هائوس جي تعميراتي ڪم جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ڪم کي معياري بڻائيندي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ ۽ پراونشل بلڊنگ جي عملدارن پاران وزيراعليٰ سنڌ کي سرڪٽ هائوس جي ڪم بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 124 ملين جي لاڳت واري اسڪيم جو 95 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ 16 ڪمرا، 2 ڊرائنگ روم، هڪ ڊائننگ روم، ڪچن ۽ 2 آفيسون شامل آهن، جڏهن ته فرنيچر ڪجهه ڏينهن اندر پهچي ويندو. اِن کان اڳ وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ٺيڙهيءَ ۾ قاضي عزيز الرحمان سان سندس ڏاڏيءَ ۽ خليل الرحمان ميمڻ سان سندس ڀائٽي جي وفات تي ڌار ڌار عذرخواهي ڪئي ۽ فاتح پڙهي. بعد ۾ وڏي وزير خيرپور جي هڪ شادي هال ۾ پ پ پ اڳواڻ مرحوم حاجي ڪوڙو خان موريجو جي پٽن خالد محمود ۽ طارق احمد موريجو جي شادي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور فياض احمد جتوئي، ايس ايس پي خيرپور پير محمد شاهه، ڊاڪٽر يارمحمد ڦلپوٽو، لعل بخش منگي، نظرمحمد ڳاهو، مظهر خان، علي شير مڪول، پير سيد بچل شاهه، غلام حسين مغل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *