نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ پنجين ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي

وڊنيڊن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلنڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 7 ون ڊي بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پنجين ميچ (سڀاڻي) آچر ڏينهن ڊونيڊن ۾ کيڏي ويندي. ڪيوز جي ستن ميچن جي سيريز ۾ 1-3 جي واضح ڪاميابي حاصل آهي. ڪيويز سريلنڪا کي پهرين ميچ ۾ 3 وڪيٽن تان هاريو، سريلنڪا جي ٽيم ڪم بيڪ ڪندي ميزبان ٽيم کي 2 ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان هارائي 1-1 تان برابر ڪئي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽين ميچ برسات سبب نه ٿي سگهي. چوٿين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽيم سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان هارايو هيو. ڪيويز پنجين ميچ ۾ آئي لينڊرز کي 108 رنسن تان هارائي 7 ميچن جي سيريز ۾ 1-3 کان واضح برتري حاصل آهي. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 7 ميچن جي سيريز جي ستين ۽ آخري ون ڊي ميچ 20 جنوري تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *