نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سان سيريز جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نيوزيلينڊ جي دوري جو شيڊول جاري ڪيو ويو جنهن دوران قومي ٽيم ۵ ون ڊي ۽ ۳ ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏيندي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري شيڊول مطابق پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز ٦ آگسٽ کان ۲۸ آگسٽ جي وچ ۾ کيڏي ويندي شيڊول مطابق پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ون ڊي ٦ جنوري تي ويلنگٽن، ٻئين ميچ ۹ جنوري تي نيلسن، ٽئين ۱۳ جنوري تي ڊنڊڻ، چوٿين ۱٦ جنوري تي هيملٽن ۽ پنجين ون ڊي ميچ ويلنگٽن ۾ ۱۹ جنوري تي کيڏي ويندي، ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات ويلنگٽن ۾ ۲۲ جنوري تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٻيون ميچون ۲۵ ۽ ۲۸ جنوري تي آڪلينڊ ۽ ماونٽ مائوگاني ۾ کيڏيون وينديون. ۰۳

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *