نيوزيلينڊ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻئي اننگز ۾ فواد عالم جي سينچري به ڪم نه اچي سگهي ۽ پاڪستان کي ميچ ۾ 101 رنسن تان شڪست ملي وئي.مائونٽ مانگانوئي ٽيسٽ جي پنجين ڏينهن پاڪستان پنهنجي ٻئي نامڪمل اننگز جي شروعات ڪئي ته اظهر علي 34 ۽ فواد عالم 21 رنسن تي موجود هئا. اظهر علي پنهنجي گذريل ڏينهن جي اسڪور ۾ صرف 4 رنسن جي اضافي کان پوءِ 38  رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. پر فواد عالم نيوزيلينڊ جي بالرن سامهون بيهي رهيو ۽ ڪپتان محمد رضوان به سندس ڀرپور ساٿ ڏنو.فواد عالم 11 سالن کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سينچري اسڪور ڪئي جيڪا سندس ڪيريئر جي ٻئي سينچري هئي. فواد عالم جي سينچري ۾ 14 چوڪا شامل هئا. ان کان اڳ فواد عالم 2009 ۾ پنهنجي ٽيسٽ ڊيبيو تي سينچري اسڪور ڪئي هئي. فواد عالم 102 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي ڪرنيل ويڪٽر جو شڪار ٿيو. جڏهن ته محمد رضوان به 60 رنسن تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. ٻنهي رانديگرن جي وچ ۾ 165 رنسن جي پارٽنر شپ ٿي. فهيم اشرف 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته ياسر شاهه بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ ۽ محمد عباس هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو. نسيم شاهه هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته شاهين آفريدي 8 رنسن ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.قومي ٽيم 271 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ اهڙي طرح پاڪستان کي ميچ ۾ 101 رنسن تان شڪست ملي آهي. نيوزيلينڊ کي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ هڪ ٻڙي تا برتري حاصل ٿي وئي آهي. ياد رهي ته نيوزيلينڊ  پنهنجي پهرين اننگز ۾ 431 رنسون ٺاهيون هيون جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم پهرين اننگز ۾ 239 رنسن تي ڍير ٿي وئي. جڏهن ته ميزبان ٽيم ٻئي اننگز 180 رنسون 5 رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪري پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 374 رنسن جو حدف ڏنو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *