نيوزيلينڊ پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

هيلمٽن (اسپورٽس نيوز) محمد حفيظ جو 99 رنس وارو اسڪور به ڪم نه آيو، نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻئين مئچ ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي، هيلمٽن ۾ مئچ دوران پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي 164 رنس جو هدف ڏنو، نيوزيلينڊ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پاڪستان طرفان ڏنل هدف پورو ڪري ورتو، ٽِم سيفرٽ 84 ۽ وليمسن 57 رنس ٺاهيون، ٽن مئچز واري سيريز ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 2- ٻڙي تي برتري حاصل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *