نيوزيلينڊ جي ڪپتان کي سر رچرڊ هيڊلي ميڊل سان نوازيو ويو

آڪلينڊ: ورلڊ ڪپ 2015ع جي رنر اپ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ سالياني ايوارڊ تقريب آڪلينڊ ۾ منعقد ٿي جتي ڪيوي بورڊ رانديگرن تي انعام جي برسات ڪري ڏني ڪيوي ڪپتان برينڊن مڪلم کي سر رچرڊ هيڊلي جو ايوارڊ ڏنو ويو ڪيوي بيٽسمين ڪين وليمسن ٽنهي فارميٽس ۾ سال جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ کڻي ويو، ورلڊ ڪپ ۾ مچل اسٽارڪ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ ٽرينٽ بولٽ سال جو بهترين ڪيوي بالر کي بهترين بالر قرار ڏنو ويو عورت ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي شاندار پرفارمنسز ڏيندڙ سوزي بيٽس وومين ڪرڪيٽر آف دي ايئر رهي، تقريب ۾ ليجنڊ ڪيوي رانديگر مارٽن ڪرو جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ خصوصي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *