نيوزيلينڊ جي دوري دوران قومي ٽيم جي ڪارڪردگيءَ تي پريشان ناهيون:شهريار خان

لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ دوري دوران قومي ٽيم جي ڪارڪردگيءَ بابت ڪا به ڳڻتي ناهي.ڀارت جي ٽيم آسٽريليا ۾ هارائي وئي آهي،ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شاهد آفريدي ئي ڪپتان مقرر هوندو.ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار خان وڌيڪ چيو ته هارائڻ ۽ کٽڻ راند جو حصو آهي،نيوزيلينڊ جي مشڪل ڪنڊيشنز ۾ هارائڻ تي پريشان ناهيون.سندس چوڻ هو ته ٽي ٽوئنٽي وڏو ايونٽ آهي ۽ ان ۾ گهڻي تبديلي نه ٿيندي، جڏهن ته ڪپتان شاهد آفريدي ئي رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *