نيوزيلينڊ، پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 13 رانديگرن تي ٻڌل ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ، پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ڪين وليمسن جي اڳواڻي ۾ 13 رانديگرن تي ٻڌل ٽيم جو اعلان ڪيو آهي، آل رائونڊر ٽوڊ ايسٽل کي پهريون ڀيرو ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مڪولم مختصر فارميٽ واري ڪرڪيٽ کان پاسيرو ٿي وڃڻ ڪري ٽيم ۾ شامل ناهي، ڪيوي ٽيم جو هيڊ ڪوچ مائيڪ بيسن ڀارت ۾ رٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ٽن اسپنرن کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ڪري ايسٽل کي پاڪستان خلاف کيڏايو پيو وڃي، ڪيوي ٽيم ۾ مچل سينٽينر جي صورت ۾ ٻيو اسپنر به شامل آهي، جڏهن ته روس ٽيلر کي پهرين ميچ لاءِ آرام ڏنو ويو آهي ۽ سندس جاءِ  تي ٽام ليٿم کي ٽيم ۾ جاءِ ڏني وئي آهي، ڪيوي ٽيم جي ٻين رانديگرن ۾ ڪوري اينڊرسن، ٽرينٽ بولٽ، گرانٽ ايليٽ، مارٽن  گپٽل، ميٽ هنري، مچل مڪ ڪلينگن، ايڊم ملني، ڪولن مينرو۽ ليوڪ رانچي شامل آهن. شاهد آفريدي جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم پهرين ئي نيوزيلينڊ پهچي چڪي آهي، جنهن ۾ اسپاٽ فڪسنگ ۾ 5 سال سزا ڪاٽيندڙ نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر به شامل آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 15 جنوري تي آڪلينڊ، ٻي 17 جنوري تي هملٽن ۽ ٽئين ميچ 22 جنوري تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *