نيها ڌوپيا فلمي ڪيريئر جا ويهه سال مڪمل ڪري ورتا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪارا نيها ڌوپيا کي فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪندي 20 سالن جو عرصو مڪمل ٿي ويو آهي، ۽ هن پنهنجي ان دور کي اطمينان جوڳو قرار ڏيندي فلمن ۾ اچڻ کي مهم جوئي وارو فيصلو قرار ڏنو آهي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مليالم فلم کان ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ نيها ڌوپيا فلم قيامت: دي سٽي انڊر ٿريٽ کان وٺي لاتعداد فلمن ۾ ڪم ڪري پنهنجي صلاحيتن کي تسليم ڪرائي چڪي آهي ۽ سندس ڪجهه وقت اڳ رليز ٿيل فلم تمهاري سلو ۾ ڪيل ڪم کي پڻ وڏي پيماني تي ساراهيو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي نيها ڌوپيا ٻڌايو ته سال 2002ع ۾ مس انڊيا رهڻ بعد فلمن ۾ اچڻ وارو فيصلو مهم جوئي جيان هو، پر مون اهو فيصلو ڪيو. هن چيو ته وقت ثابت ڪيو آهي ته مون درست فيصلو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته فلم انڊسٽري ۾ وڏي عزت ملي آهي. هن چيو ته فلمن ۾ ڪم ڪندي 20 سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويا ۽ خبر ئي نه پئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *