نين فلمن ۾ سٺن ۽ معياري اسڪرپٽ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي: زيبا بختيار

لاهور (شوبز نيوز) فلم اسٽار زيبا بختيار نين فلمن ۾ سٺين ڪهاڻين ۽ معياري اسڪرپٽ جي کوٽ تي اعتراض ڪندي ان شعبي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. زيبا بختيار جنهن سيد نور جي فلم ”سرگم“ سان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي، اهائي فلمساز ۽ ڊائريڪٽر پڻ بڻجي چڪي آهي. هن چيو آهي ته هن وقت فلمسازيءَ جو عمل همٿائيندڙ ضرور آهي پر فلم ۾ ڪهاڻي تمام اهم هوندي آهي ۽ ان تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي. زيبا بختيار چيو ته هوءَ 2 فلمون ”بابو“ ۽ ”مشن 021“ جي پروڊڪشن کانپوءِ هاڻي وڌيڪ فلمون ٺاهڻ جي پڻ تياري ڪري رهي آهي ۽ سندس نين فلمن جي ڪهاڻي ۽ موضوع تي هوءَ تمام گهڻي محنت ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *