نيلوفر طوفان کان بچڻ لاءِ سمورا احتياطي اپاءُ ورتا ويا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته نيلوفر سامونڊي طوفان ڪراچي جي سامونڊي علائقن جي اٽڪل 250 ڪلوميٽر ويجهو لنگهندو تنهن ڪري ماڻهن کي گهرجي ته اهي سامونڊي علائقن جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش نه ڪن طوفان جي حوالي سان ڪيل احتياطي تدبيرن بابت هن چيو ته عمارتن جي مالڪن ۽ ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي مشهوري لاءِ لڳايل وڏا بلبورڊ يڪدم هٽائي ڇڏين نه ته جيڪڏهن ڪو نقصان ٿيو ته پوءِ ان لاءِ اهي ڪمپنيون پاڻ ذميوار هونديون هن ٻڌايو ته اڃان تائين ته نيلوفر طوفان جو دٻاءُ گهٽ آهي پر تنهن هوندي به اسان ماڻهن کي صلاح ٿا ڏيون ته اهي اجايو گهرن مان نه نڪرن جڏهن ته مبارڪ وليج، ابراهيم حيدري ۽ ڪچين آبادين ۾ رهندڙن کي به چتاءُ ڏنو ويو آهي ته اهي ڪنهن محفوظ جاءِ تي منتقل ٿي وڃن ته جيئن کين ڪو گهڻو نقصان نه ٿي سگهي هن ٻڌايو ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي موجودگي جي لاءِ به خاطر خواهه اپاءُ ورتا ويا آهن ۽ جمعي ڏينهن سمورن متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي به موڪل ڪرائي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *