نيشنل ايڪشن پلان هيٺ 332 دهشتگردن کي ڦاهي ۽ 2159 کي ماريو ويو: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) نيشنل ايڪشن پلان جي مقصدن حاصل ڪرڻ بابت وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان پاران قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو،جنهن جي مطابق نيشنل ايڪشن پلان هيٺ 332 دهشگردن کي ڦاهي ٽنگيو ويو آهي.ذريعن مطابق وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاران نيشنل ايڪشن پلان جي مقصدن حاصل ڪرن بابت قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو،جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته نيشنل ايڪشن پلان هيٺ پوري مل ۾ 2159 دهجشتگرد ماريا ويا ۽ 1724 گرفتار ڪيا ويا،جڏهن ته 332 دهشتگردن کي ڦاهي چاڙهيو ويو. خاص عدالتن کي دهشتگردي جا 148 ڪيس موڪليا ويا،پابندي مڙهيل تنظيمن کي روڪڻ لاءِ فورٿ شيڊيول هيٺ 2052 ماڻهن جي چرپر محدود ڪئي وئي،جڏهن ته سنڌ،پنجاب،خيبرپختونخوا ۾ 182 شڪي مدرسا بند ڪيا ويا ۽ دهشتگردن جا 933 يو آر ايلز ۽ 10 ويب سائيٽس بند ڪيون ويون پر گلگت بلتستان،فاٽا،آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ 3 سالن دوران 979 دهشتگرد ماريا ويا.گهرو وزير جي لکت واري جواب مطابق گذريل سال اسلام آباد ۾ 5779 هوٽلن جي چڪاس ڪئي وئي،جتي غير معياري شين جي وڪري تي 48 هوٽلن جو چالان ڪاٽيو ويو ۽ 105 کي سيل ڪيو ويو،جڏهن ته 4325 ڪلوگرام گوشت،64 لک کان وڌيڪ ڏنڊ به رکيا.چڙ ڏياريندڙ تقريرن جي الزام ۾ 2337 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 2195 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال تي 9340 ماڻهو گرفتار ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *