نيشنل ايڪشن پلان سنڌ ۾ 6503 مدرسا رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن: سنڌ حڪومت ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سان ڪيس تيار ڪري ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سان ڪيس تيار ڪري ورتو آهي. سي ايم هائوس ۾ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ذاتي دلچسپي وٺي سنڌ پوليس کي جديد هٿيار فراهم ڪيا ته جيئن ڪراچي ۾ جاري آپريشن جا گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهجن. وڏي وزير چيو ته پاڪ فوج جي سربراهه کي سنڌ پوليس کي جديد هٿيار ۽ اوزار فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. وڏي وزير آئي جي ۽ گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته جن مذهبي عالمن کي شڪايتون آهن، انهن سان رابطو ڪري سندن شڪايتون ختم

ڪيون وڃن ۽ سندن مدرسن جي رجسٽريشن کي مڪمل ڪيو وڃي. ان موقعي تي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت سنڌ ۾ نو هزار پنج سو نوي مدرسن مان ڇهه هزار پنج سو ٽي مدرسا رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻه هزار نو سو ويهه مدرسن جي رجسٽريشن ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي سنڌ جي گهرو سيڪريٽري پاران ڏنل بريفنگ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته غير رجسٽرڊ مدرسن ۾ پنج لک سترهن هزار ڇهه سو پنجانوي کٿابي پڙهي رهيا آهن. گهرو سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته غير رجسٽرڊ مدرسا ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ موجود آهن ان موقعي تي آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي وڏي وزير کي ٻڌايو ته مختلف الزامن هيٺ هڪ سو ستهٺ مدرسن کي سيل ڪيو ويو آهي.جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ايڪيهن مدرسن تي ڇاپا هنيا ويا. هن چيو ته ڪجهه مدرسن مان نفرت ڦهلائيندڙ مواد هٿ ڪيو ويو ۽ انهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سنڌ ۾ رهندڙ افغانين جي حوالي سان ڳالهائيندي گهرو سيڪريٽري چيو ته هينئر تائين ٽيانوي هزار افغاني شهرين کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ست سو ويهه غير قانون افغانين جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.جڏهن ته ايڪيهه سو افغانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جيلن ۾ ڦاسي جي سزا ٻڌايل ارڙهن قيدين کي ڦاسي ڏني وئي. گهرو سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ايڪهٺ هٿياربند مذهبي تنظيمن جي کوج لڳائي وئي آهي، جڏهن ته يارهن سو پنجونجاهه دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي ماريو ويو.جن مان هڪ سو چوهٺ القاعدا جا اڳواڻ، جڏهن ته ٽي ٽي پي ۽ لياري گينگ وار جي هڪ سو ٽيهه ڏوهاري شامل هئا.جڏهن ته ٽيهٺ هزار دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. آئي جي سنڌ ٻڌايو ته فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف سنڌ پوليس کي جديد هٿيار ۽ گاڏيون فراهم ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *