نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ۾ تيزي آڻڻي پوندي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دشمن ايجنسين جي پاڪستان مخالف ارادن کي پوري قوم جي حمايت سان ناڪام بنائڻ جو ارادو ڪيون ٿا. آرمي چيف چيو ته ملڪ جي بچاءَ لاءِ هٿياربند فوج پنهنجون ذميواريون نڀائي رهي آهي. دهشتگردي جي تازن واقعن جي رد عمل ۾ موثر ڪارروائيون ۽ لاهور ۾ پي ايس ايل جي فائنل لاءِ انتظامن تي پوليس، ڳجهن ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ڌرين پاران قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. آرمي چيف چيو ته آپريشن رد الفساد سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن ۽ دهشتگردي خلاف ڪيو پيو وڃي ۽ ڪنهن خاص نسل، قوميت يا گروهه جي خلاف ناهي. آءِ ايس پي آر موجب 200 هون ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس خميس تي جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت ۾ ڪوٺائي وئي، ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ جي او اسٽريٽجڪ ۽ سيڪيورٽي صورتحال خاص ڪري ملڪ جي اندروني سيڪيورتي صورتحال جو جائزو ورتو، اجلاس دوران پاڪ افغان سرحد جي صورتحال، لائين آف ڪنٽرول، ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران سيز فائر جي خلاف ورزين جو جائزو ورتو ويو آرمي چيف ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن کي گڏيل عرب امارات جي دوري ۽ قطر جي قيادت سان ملاقاتن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان جو اهو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، جنهن دوران مثبت اڳڀرائي ٿي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دهشتگردي جي تازي واقعن جي رد عمل ۾ موثر ڪارروائين ۽ لاهور ۾ فائنل لاءِ انتظامن تي پوليس انٽيلجنس ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ساراهه ڪئي. جڏهن ته اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن ۾ واڌ جو دارومدار حڪومتي فيصلي تي آهي. آرمي چيف ڪور ڪمانڊرن کي گذريل سيڪيورٽي ڪانفرنس دوران حڪومتي اختيارن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ پاڪ افغان سرحد تي مرحلي وار ڇڪتاڻ، افغان مهاجرن جي وطن واپسي، عدالتي ۽ پوليس سڌارا، مدرسا، تعليمي ادارن جا سڌارا ۽ فوجي عدالتن جي سزا يافته دهشتگردن کي ڦاهي ڏيڻ واري عمل جي بحالي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *