نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جو مطالبو، حڪومت دھشتگردي تي سمجھوتو نھ ڪري: بلاول زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت افغانستان ۾ صورتحال تي پنهنجي پاليسي واضح ڪري ۽ صورتحال تي پاليامان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ٻين تنظيمن کي ٻڌائڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جي ڪائي سرگرمي برداشت نه ڪئي ويندي سي پيڪ جا منصوبا پاڪستان جي ترقي لاءِ ضروري آهي، سي پيڪ رٿائن جي سيڪيورٽي جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ انهن رٿائن کي مڪمل ۽ فول پروف سيڪيورٽي ڏني وڃي حڪومت کي دهشتگردن کي خوش ڪرڻ جي روش ختم ڪرڻي پوندي ملڪ ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي پورو عمل ڪيو وڃي ۽ حڪومت دهشتگردي تي ڪابه سوديبازي نه ڪري. هو اڱاري تي سي ايم هائوس سنڌ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته افغانستان جي صورتحال تي غور لاءِ پيپلزپرٽي جي مرڪزي مجلس عامله جو اجلاس ٿيو اسان افغانڀائرنس ان ٻڌي جو اظهار ڪيون ٿا انهن بهادري ۽ دليري ڏيکاري ان سان گڏوگڏ پيپلزپارٽي کي خدشا به آهن اسان افغانستان ۾ جٽادار امن جا خواهشمند آهيون پيپلزپارٽي افغانستان ۾ عورتن ۽ اقليتن جو تحفظ چاهي ٿي افغانستان جي موجوده صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. حڪومت افغانستان ۾ صورتحال تي پنهنجي پاليسي واضح ڪري اسان کي افغان پناهگيرن جي معاملي کي ڏسڻو پوندو افغانستان ۾ جاري صورتحال تي پارليمان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي افغانستان جي صورتحال پوري خطي جو معاملوآهي افغانستان ۾ اهڙو سيٽ اپ ضروري اهي جنهن ۾ سمورن گروپن جي نمائندگي هجي افغانستان ۾ اهل تشيع کي آزادي سان عزاداري جو موقعو ڏنو وڃي هن چيو ته افغانستان مان پناهگيرن جي اچڻ جي صورت ۾ خطرا پيدا ٿيندا رياست پاڪستان کي آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻيون پونديون پاڪستان لاءِ خطرا موجود آهن ۽ هن وقت تائين افغانستان جي صورتحال گهڙي گهڙي تبديل ٿي رهي آهي جڏهن ته پاڪستان جي عوام دهشتگردي کي رد ڪري ٿي هن چيو ته پاڪستان جي حفاظت ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان وقت جي حڪومت کان گهر ڪريون ٿا ته پاڪستان ۾ دهشتگردي تي ڪائي سوديبازي نه ڪئي وڃي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڇي ته جيئن ان اڳڀرائي کان پوءِ ڪنهن قسم جا حادثا نه ٿين تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ ٻين تنظيمن کي ٻڌائڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جي ڪائي سرگرمي برداشت نه ڪئي ويندي بلاول ڀٽو چيو ته اميد سٺي رکڻ گهرجي پر اسان کي هر قسم جي صورتحال لاءِ تيار هجڻ گهرجي پ پ چيئرمين چيو ته رياست پاڪستان کي فاٽا ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي مصروف ڪرڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *