نيشنل ايڪشن پلان تي سختيءَ سان عملدرآمد جاري، دهشتگردن کي لِڪڻ لاءِ ڪٿي به جاءِ نه ملندي: خواجه آصف

سيالڪوٽ(م.ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي سختيءَ سان عمل ڪيو پيو وڃي، جنهن جا نتيجا ايندڙ ڏينهن ۾ عوام کي نظر ايندا، دهشتگردن کي لِڪڻ لاءِ ڪٿي به جاءِ نه ملندي. اهڙو اظهار هن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو تصور پاڪستان کي هڪ خودمختار، باوقار ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي بار بار ڪراچي وڃڻ سبب ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته وزيراعظم عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي کي اُٿاريو جنهن سبب ڀارت دٻاءَ ۾ اچي ڳالهين لاءِ ٻيهر راضي ٿيو آهي ۽ ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان جو دؤرو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *