نيب 4 سالن دوران تاريخ جون وڏيون ريڪوريون ڪيون: چيئرمين

اسلام آباد:(م.ڊ) نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته 4 سالن جي دوران تاريخ جون وڏيون ريڪوريون ڪيون ويون. ڪجهه ماڻهن چانهه جي پيالي ۾ طوفان پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن جي خلاف به ڪارروايون ڪيون جن کي ڪو ڏسي به نه ٿي سگهيو. نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نيب کي ديانتداري جي مثالي بڻجي ڪم ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن نيب نه هجي ها ته 14 ارب روپين جي ريڪوري نه ٿئي. 14 ارب متاثرين ۾ ورهايا ويا. ڪوبه اهڙو قانون ناهي ته نيب ريڪوري جي رقم ناڻي ۾ جمع نه ڪرائي. 56 ارب روپين جي ريڪوري هائوسنگ سوسائٽي کان آئي. نيب وٽ سموري ريڪوري جو حساب موجود آهي.جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو ته زمين خريد ڪرڻ وقت تصوير ٻئي لڳائي ويندي آهي جيڪا حقيقت جي ابتڙ هوندي آهي. جيڪڏهن نيب جي تعريف نٿا ڪري سگهو ته تنقيد ثبوت جي بنياد تي ڪن. تنقيد، تعميري ۽ حقيقتن جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *