نيب ڪرپشن جو سهولتڪار بڻجي چڪو آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاناما جي آءِ ٽي جي ميمبر ۽ ڊي جي نيب بلوچستان عرفان نعيم منگي جي ڪارڪردگي تي سخت عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو جي ناقص ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نيب ڪرپشن جو سهولتڪار بڻجي چڪو آهي. جسٽس دوست محمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته عرفان نعيم منگي خلاف ڪالهه انڪوائير ٿي رهي هئي اڄ هو هيرو بڻجي چڪو آهي، رڳو عدالتي فيصلي جي ڪري عرفان نعيم منگي ۾ هٿ نٿا وجهي سگهون. سپريم ڪورٽ ڪڻڪ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار بلوچستان حڪومت جي اڳوڻي خوراڪ واري وزير اسفنديار خان ڪاڪاڙ جي پنجاهه لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي. ان موقعي تي عدالت عظمي ڊي جي نيب بلوچستان ۽ پاناما جي آءِ ٽي جي ميمبر عرفان نعيم منگي جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهر ڪندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس فائز عيسيٰ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڇو ته ڊي جي نيب بلوچستان کي به شريڪ جوابدار بڻايو وڃي، نيب اهلڪارن خلاف ڪيس بڻجندا تڏهن ئي بهتري ايندي، نيب ڪرپشن جو سهولتڪار بڻجي چڪو آهي، بلوچستان ۾ ڪيترائي اهم ڪيس دير جو شڪار آهن. بلوچستان ۾ سر عام پڪڙيل ماڻهو به ڇڏائجي ويندا آهن، نيب ڪرپشن ڪيسن کي مذاق بڻائي رکيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *