نيب کي پي ٽي آءِ حڪومت جيان نالائق ۽ نااهل سمجهون ٿا:سعيد غني

ڪراچي (م.ڊ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي تھ وڊيو چيئرمين نيب کي ڪٿان جو نھ ڇڏينداسين، صوبائي وزير سعيد غني پاران نيب چيئرمين تي سخت تنقيد ڪئي وئي آھي، نيب کي پي ٽي آءِ حڪومت جيان نالائق ۽ نااهل سمجهون ٿا چيلينج ڪيان ٿو ته نيب منهنجي پريس ڪانفرنس تي نوٽيس موڪلي، کين ٻڌائيندس ته نيب ڪهڙي ريت عمران نيازي جي اشارن تي استعمال ٿي رهيو آهي، نيب جو قانون 31 ون اَي سڀ کان پهريان نيب چيئرمين تي لڳڻ گهرجي، جيڪو پنهنجي اختيارين جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي: صوبائي وزير سعيد غني جو نيب جي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي گهر تي چڙهائي بعد پڌرائي تي رد عمل ظاھر ڪيو آھي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سعيد غني چيو ته نيب چيئرمين نااهل ۽ نالائق حڪومت خلاف آواز اٿاريندڙ اپوزيشن خلاف قانون جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ڪو نيب قانون جو غلط استعال ڪري رهيو آهي ته اُهو نيب چيئرمين آهي، سعيد غني نيب چيئرمين خلاف سنگين الزام لڳائيندڙ عورت کي منظر عام تي آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ايف آءِ اي وڊيو اسڪينڊل جي جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ڪئي؟، متاثر عورت ڪٿي آهي؟، نيب چيئرمين زمينن تي قابض حليم عادل شيخ خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران مونکي ڪارروائي جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *