نيب پ پ ايم پي اي نادر مگسي ۽ سردار چانڊيو خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م.ڊ) نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پ پ ايم پي اي نادر مگسي ۽ سردار چانڊيو خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ڊي جي ثقافت منظور ڪناسرو خلاف جاچ شروع ڪرڻ ۽ زرعي يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي خلاف جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال جي سربراهيءَ ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران ڪرپشن اسڪينڊلز جي حوالي سان ريفرنس، انڪوائريز ۽ انويسٽيگيشنز جو جائزو ورتو ويو. نيب ترجمان جي پڌرائي موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران ائنٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ڪراچي، روينيو کاتي جي اسڪيم ۾ آفيسرز ۽ ملازمن خلاف ٻن انويسٽيگيشنز (جاچ) جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته 4 انڪوائريز جي به منظوري ڏني وئي آهي. نيب ترجمان جي پڌرائي موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ پ پ ايم پي اي مير نادر مگسي، لوڪل گورنمينٽ سنڌ ۽ صوبائي هاءِ ويز کاتي جي آفيسرز توڙي ملازمن خلاف جاچ (انڪوائري) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ٺيڪيدار بلاول شيخ، پرسرام، ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ ٻين خلاف به انڪوائري جي منظوري ڏني وئي آهي. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ ثقافت کاتي جي ڊي جي منظور احمد ڪناسرو، ڊائريڪٽوريٽ آف پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۾ ڪرپشن ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن جي آفيسرز توڙي ملازمن خلاف انڪوائريز جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته زرعي يونيورسٽي جي نااهل قرار ڏنل وي سي ڊاڪٽر مجيب الدين ميمڻ ۽ ٻين خلاف به جاچ (انڪوائري) شاهديون نه ملڻ جي بنياد تي بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو آهي ته عبدالجبار ڀٽو، سيد احمد شاهه ۽ ٻين خلاف جاچ تي قانوني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي لکت ۾سفارش ڪئي ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *