نيب پاران سنڌ حڪومت جي اعليٰ آفيسرن خلاف جاچ وڌيڪ تيز ، گرفتارين جو امڪان

ڪراچي (اين اين آءِ) نيب پاران سنڌ حڪومت جي اعليٰ آفيسرن خلاف جاچ وڌيڪ تيز ڪئي وئي آهي، نيب ذريعن مطابق هن وقت سنڌ حڪومت جي 30 مان 17 سيڪريٽري ۽ اعليٰ آفيسر ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزامن جي ڪري نيب جي ان لسٽ ۾ شامل آهن جن خلاف ٺوس ثبوت جمع ڪيا پيا وڃن ۽ انهن جي گرفتاري جو امڪان آهي. ٻئي پاسي سرڪاري ڪمن ۾ منفي اثر پوڻ تي سنڌ جي وڏي وزير کي نيب خلاف شڪايت ڪئي وئي آهي ۽ نيب خلاف قانوني ڪارروائي تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، تفصيلن موجب ڪجهه آفيسرن عدالتن مان حفاظتي ضمانتون ڪرائي ورتيون آهن، جڏهن ته ڪجهه آفيسرن ٻاهرين ملڪن وڃڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٻاهرين ملڪ ويل آفيسرن کي وطن واپس آڻڻ لاءِ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، نيب ذريعن مطابق سنڌ جي اهم کاتن جا انتظامي سربراهن سميت گريڊ 20 ۽ 21 آفيسر به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *