نيب قانون ۾ منهنجي ۽ شريف خاندان لاءِ ٻٽو معيار ڇو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته نيب قانون ۾ مون لاءِ ۽ شريف خاندان لاءِ ٻٽو معيار ڇو آهي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ کي نيب ۲۳ آڪٽوبر تي ضمانت رد ٿيڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان حراست ۾ ورتو هو جنهن کانپوءِ ان کي عدالت جيل موڪلي ڇڏيو جڏهن ته کيس سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي درخواست تي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آندو ويو ته پيپلز پارٽي جي ميمبرن سندس پرجوش استقبال ڪيو پارٽي جي ميمبرن شرجيل ممين جي اچڻ تي گل ڇٽيا ۽ ان جي حق ۾ نعريبازي به ڪئي جڏهن ته ان دوران ميڊيا اڳوڻي وزير سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي هن ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪو شخص ملڪ ۾ ناهي ان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو طريقيڪار سمجهه ۾ نه ٿو اچي نئين نيب چيئرمين کي گذارش آهي ته نالو اي سي ايل وجهڻ جي طريقيڪار جو جائزو وٺي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته نيب مون کي ڪوبه سمن جاري ڪرڻ کان بغير ئي گرفتار ڪيو جيئن ئي اسلام آباد ايئرپورٽ تي جهاز جي آخري ڏاڪڻ تي قدم رکيو ته نيب اهلڪارن ڦڙتي ڏيکاريندي مون کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته گرفتاري وقت مون وٽ ضمانت جا ڪاغذ به موجود هئا اڳوڻي وزير ميان نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري جو حوالو ڏيندي چيو ته ڪيپٽن صفدر اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو ته انهن ئي نيب اهلڪارن کي ايئرپورٽ وڃڻ جي اجازت نه هئي ان صورتحال کي ڇا مان نيب جي مسلم ليگ ن سان محبت جو نالو ڏيان؟ پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته گذريل ۷ مهينن کان ملڪ ۾ موجود آهيان ۽ هر پيشي تي عدالت ۾ پيش به ٿي رهيو آهيان پر ان جي باوجود منهنجو نالو اڃان تائين اي سي ايل ۾ شامل آهي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته نواز شريف ۽ ان جي سموري فيملي خلاف نيب ريفرنس داخل آهي جڏهن ته اسحاق ڊار ريفرنس جي باوجود پوري دنيا ۾ گهمي رهيو آهي هن سوال ڪيو ته نيب جي قانون ۾ منهنجي لاءِ ۽ ميان صاحب لاءِ ٻٽو معيار ڇو آهي؟ ٻئي طرف سنڌ اسيمبلي ۾ نيب پاران شرجيل ميمڻ جو نال اي سي ايل ۾ وجهڻ ۽ گرفتاري خلاف مذمتي قرارداد به منظور ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *