نيب عمران خان جي گھر واري بشريٰ بي بي جي دوست فرح خان عرف گوگي بابت انڪوائري شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي دوست فرح خان عرف گوگي بابت انڪوائري شروع ڪري ڇڏي. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب انڪوائري اڻڄاتل آمدني ذريعن ۽ مني لانڊرنگ جي الزامن تي ڪئي ويندي، ڊي جي نيب لاهور کي قانون موجب ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي. پڌرائيءَ موجب فرح خان تي ڪاروبار جي نالي تي گهڻا بئنڪ اڪائونٽ رکڻ جو به الزام آهي، فرح خان جي اڪائونٽ ۾ گذريل ٽن سالن ۾ 847 ملين رپيا مليا آهن. نيب جو چوڻ آهي ته ايتري رقم فرح خان جي پروفائل موجب ناهي، اها رقم فرح خان جي ذاتي اڪائونٽ ۾ وڌي وئي ۽ فوري طور ڪڍي وئي، ميڊيا رپورٽن ۾ فرح خان تي غير قانوني ذريعن سان اثاثا ٺاهڻ جا الزام هنيا ويا هئا. نيب پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته فرح خان جي انڪم ٽيڪس ريٽرنز ۾ ان جا اثاثا 2018 کان غير معمولي طور وڌيا، ان ئي دوران فرح 9 ڀيرا آمريڪا ۽ 6 ڀيرا دبئي به وئي. واضح رهي ته سال 2018 ۾ ئي عمران خان اقتدار ۾ آيو هو ۽ ان ئي سال عثمان بوزدار وڏي وزير جو عهدو سنڀاليو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عثمان بوزدار جي مقرري ۾ فرح خان جو اهم ڪردار هو. ياد رهي بشريٰ بي بي جي دوست فرح خان هلندڙ مهيني جي منڍ ۾ دبئي رواني ٿي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *