نيب سپريم ڪورٽ جي احاطي مان آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ پاران سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني کي نيب آڏو سرينڊر ڪرڻ جي حڪم کان پوءِ نيب کيس عدالت ٻاهران گرفتار ڪري ورتو پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر سراج دراني ڪمائي کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو جمعي تي جسٽس عمر عطا بنيال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئبنچ سندس درخواست تي ٻڌڻي ڪئي سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو ته اسپيڪر آغا سراج دراني پهريان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيو ته آغا سراج دراني نيب کي گرفتاري ڏي ان جو ڪيس ايندڙ هفتي ٻڌنداسين سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرٽ تي آغا سراج دراني جي ضمانت رد ڪئي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل کان سواءِ سپريم ڪورٽ هن معاملي تي ٻڌڻي نه ڪندي جسٽس منصور علي شاهه آغا سراج جي وڪيل کي چيو ته جڏهن هاءِ ڪورٽ ضمانت رد ڪئي ته اوهان جي اصيل کي جيل ۾ هجڻ گهرجي ها آغا سراج دراني گرفتاري ڇو نه ڏني اسان وهان کي خصوصي رعايت ڇو ڏيون جسٽس عمر عطا بنيال سراج جي وڪيل عامر رضا نقوي کي چيو ته هاڻي نيب جو نئون قانون اچي چڪو آهي نئين قانون ۾ ضمانت جو فورم طئي ٿي چڪو آهي، هڪ مسئلو آهي ته اوهان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف آيا آيو سراج دراني جي وڪيل چيو ته اسان اوهان جي سامهون پاڻ کي سرينڊر ڪري ڇڏيو آهي جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته نه نيب جي سامهون سرينڊر ڪريون ااسن اڳ به اوهان کي رعايت ڏني هئي جسٽس سجاد علي شآهه چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اوهان جي خلاف بيٺو آهي ان موقعي تي ايڊووڪيٽ عامر رضا نقوي اپيل ڪئي ته اسان کي ٽرائيل ڪورٽ ۾ ٻيهر ضمانت لاءِ رجوع ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي سپريم ڪورٽ کي اختيار حاصل آهي، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪري، جسٽس سجاد علي شآهه چيوت ه اسان کي پنهنجي اختيارن جو پتو آهي اسان کي خبر آهي ته ڪٿي پنهنجو اختيار استعمال ڪرڻو آهي ۽ ڪٿي ناهي ڪرڻو. وڪيل چيو ته حلفي بيان ڏئي ڇڏيون ٿا سپريم ڪورٽ مان گرفتار نه ڪيو وڃي. خود سنڌ ۾ گرفتاري ڏني ويندي جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته اسان نيب جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪنداسين نيب جي وڪيل چيو ته اسان جي ٽيم سراج دراني جي گهر 24 ڪلاڪ ويٺي رهي نيب جي تيم کي سراج دراني جي گهر ۾ داخل نه ٿيڻ ڏنو ويو جسٽس عمر عطا بنيال چيو ته هي نيب جو پنهنجو معاملو آهي اسان گرفتاري جي معاملي ۾ وچ ۾ نها ينداسين سپريم ڪورٽ آغا سراج دراني کي عدالت جي احاطي مان گرفتار نه ڪرڻ جي اپيل رد ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي سنڌ اسيمبلي اسپيڪر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ايڊيشنل ڊآئريڪتر شعيب احمد ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر آصف خان جي سربراهي ۾ نيب جي ٽيم سپريم ڪورٽ پهتي جنهن کان پو3 نيب آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ پاران نيب آڏو سرينڊر ڪرڻ جي حڪم کان پوءِ آغا سراج دراني 4 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ موجود رهيو ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن هو ٻاهر آيو ته نيب کيس گرفتار ڪري ورتو ان موقعي تي آغا سراج دراني چيوت ه مان اڳ به ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هيس مان گرفتاري کان نٿو ڊڄان سپريم ڪورٽ کان رليف ملي سگهي پيو ان لاءِ هتي آيو هيس. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي احاطي ۾ سراج دراني چيو ته لکت حڪم نامو اچڻ جو انتظار اهي پوءِ ٻاهر وينداسين هن چيو ته عدالت چيو آهي ته ٽرائيل ڪورٽ ۾ سرينڊر ڪريو آرڊر جو انتظار ڪري رهيو آهيان صحافي آغا سراج دراني کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن آرڊر سڄي رات نه آيو ته ڇا اوهان هتي رهندا هڪ ٻيو شخص به هتي سڄي رات مسجد ۾ رهيو هو سراج دراني جواب ڏنو ته اسان به مسجد ۾ رهي پونداسين پر نماز به پڙهنداسين هن چيو ته اسان قانون جي پيروي ڪيون ٿا اسان جي قيادت اسان کي قانون جي رکوالي سيکاري آهي. هن چيو ته اسيمبلي جو اجلاس نٿو گهرائي سگهان اسيمبلي پنهنجي طريقيڪار سان هلي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *