نيب سربراهه کي آزاد ۽ خودمختيار بڻايو وڃي:عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيستائين نيب ۽ ان جي سربراهه کي آزاد ۽ خودمختيار نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين ملڪ ۾ ڪنهن به ڪرپٽ ماڻهو جو احتساب صحيح طريقي سان نه ٿيندو،اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر سازي مهم جي شروعات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪي پي ڪي کان سواءِ ڪنهن به صوبي بنا ڪنهن فرق جي احتساب لاءِ قدم ناهن کنيا،احتساب بابت ترميم تي نظر وجهڻ لاءِ ڪميٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،انهن جي سربراهي ۾ ڪميٽي قانون ۾ ترميم جو جائزو وٺندي ۽ آزاد احتساب ۾ رنڊڪ بڻجڻ واري ترميم کي ختم ڪيو ويندو.پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) هڪ معاهدي مطابق 18 هين ترميم ڪئي جنهن کانپوءِ ٻنهي پارٽين ڳٺ جوڙ ڪري پنهنجي مرضي مطابق نيب چيئرمين مقرر ڪيو،اسان انهيءَ جي مخالفت ٿا ڪيون ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته نيب چيئرمين کي آزاد ۽ خودمختيار بڻايو وڃي.عمران خان جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ملڪ جي واحد پارٽي آهي،جنهن ۾ اندروني طور تي به جمهوريت آهي،جڏهن ته ٻين پارٽين ۾ خاندانن جو راڄ ۽ بادشاهت قائم ٿيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *