نيب خوف سبب آفيسر ڪم نٿا ڪن، وفاقي سرڪار کي سنڌ جي مسئلن ۾ دلچسپي ناهي: سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ پهريون صوبو آهي جتي صحافين کي تحفظ جو بل جلد آندو ويندو، هاڪرن جا مسئلا جلد ڪيا ويندا، هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي جي مسئلن ۾ دلچسپي نه پئي وڃي، وزيراعظم وڏي وزير کي خط جو جواب به ناهي ڏيندو، اهڙو اظهار صوبائي وزير ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز تحت سي پي اين اي سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ميٽ دي ايڊيٽرز پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي مسئلن تي وزيراعظم ڳالهه ڪرڻ به پسند ناهي ڪندو، وفاقي حڪومت پاران هڪ سئو 22 ارب روپين جو اعلان صرف اعلان ئي رهجي ويو آهي ان تي ڪو به عمل ناهي ڪيو ويو، ڪراچي ۾ اخباري هاڪرن جا اسٽال هٽائڻ جو سبب سپريم ڪورٽ جو حڪم هو ته حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، تنهن هوندي اخباري اسٽالز جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو، نيب جي خوف سبب ڪيترائي سرڪاري آفيسر به ٺيڪ طرح سان ڪم نه پيا ڪن، هن چيو ته ميڊيا بابت قانون جيڪي به ٺهيا اهي سي پي اين اي ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان ٺهندا، سنڌ ڊينگي ۽ ڇتن ڪتن کان بچاءِ لاءِ قدم کڻي رهي آهي،هن چيو ته جڏهن اخبارون سنڌ جو آهن ته ريٽ به اسان کي ئي طئي ڪرڻ گهرجن، ريٽ وفاق ڇو پيو طئي ڪري، حڪومتي ڪارڪرڪدگي بابت هن چيو ته ٿرڪول جهڙو منصوبو ڪا به حڪومت ٻڌائي ته ڪنهن ٻي صوبي اهڙو منصوبو شروع ڪيو هجي، ان کان اڳ ۾ سي پي اين اي سيڪريٽريٽ اچڻ تي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عامر محمود صوبائي وزير سعيد غني کي ڀرپور نموني ڀليڪار ڪيو، پروگرام جي اختتام تي سي پي اين اي عهديدارن صوبائي وزير کي شيلڊ ۽ اجرڪ به پيش ڪيو، ميٽ دي ايڊيٽرز پروگرام ۾ حامد حسين عابدي، طاهر نجمي، غلام نبي چانڊيو، اعجاز الحق، بشير احمد ميمڻ، شير محمد کهاوڙ، رفاقت تنولي، عدنان ملڪ، عامر خٽڪ، حميده گهانگهرو، بلقيس جهان، ڊائريڪٽر انفارميشن سنڌ زينت جهان، صدر ڪراچي پريس ڪلب امتياز فاران ۽ ٻين ايڊيٽرن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *