نيب جي چيئرمين مخالف ڌر جي خدشن کي درست ثابت ڪري ڇڏيو آهي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي ترجمان سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو آهي ته نيب جي چيئرمين حزب اختلاف جي خدشن کي درست ثابت ڪري ڇڏيو آهي جنهن اداري جو سربراهه حڪومت جي سياسي مخالفن جي خلاف تقرير ڪري اهو ادارو غير جانبدار ڪيئن ٿو ٿي سگهي نيب پنهنجي غير جانبداري ثابت ڪري اعتراض ڪندڙ پاڻمرادو خاموش ٿي ويندا خميس تي نيب جي چيئرمين جي تقرير تي ردعمل ڏيني سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته نيب مخالف ڌر کي انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ حڪومت جو هٿيار بڻجي ويو آهي اڄ نيب جي چيئرمين عمران خان جي هي زبان ڳالهائي آهي حڪومت پنهنجي سياسي مفادن لاءِ ادارن کي تڪراري بڻائي رهي آهي هن چيو ته ڪرپشن جي خاتمي ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ قائم اداري جي سربراهه سان قوم کي جانبداراڻي ڳالهه ٻولهه جي اميد نه آهي نيب جو چيئرمين ٻڌائي ته هن بي آر ٽي ۾ ڪرپشن جي جاچ اڃا تائين ڇو شروع ناهي ڪئي هو عوام کي آگاهه ڪري ته پرويز الاهي جي خلاف جاچ ڇو بند ڪئي ويئي آهي ڪاش نيب چيئرمين تقرير ۾ ٻڌائي ها ته مالم جبا ڪرپشن ۾ ڪيترا ماڻهو گرفتار ٿيا شرجيل ميمڻ ٻن سالن کان بغير سزا جي قيد ڇو ڀوڳي رهيو آهي بابر اعواڻ ريفرنس جي باوجدو اڃا تائين ڇو باهر آهي سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته نيب چيئرمين تقرير ڪري آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهين جي حق ۾ شاهدي ڏيئي ڇڏي چيئرمين نيب جي تقرير دليل آهي ته معيشت ۽ نيب گڏ نٿا هلي سگهن جڏهن احتساب جي جڳهه انتقام وٺي ڇڏي ته نه معيشت علي سگهي ٿي ۽ نه نظام هلي سگهي ٿو،.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *