نيب جو ڏوڪري ٽائون ڪميٽي تي ڇاپو، عملو فرار، رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو، چيئرمين رڪارڊ سميت سکر طلب

ڏوڪري(تنوير ميمڻ) ڏوڪري ٽائون ڪميٽي تي نيب  سکر جو ڇاپو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي کڻي وئي. 24جون تي نيب سکر پاران چئيرمين کي ظلب ڪري ورتو. ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي آفيس ۾ نيب سکر ٽيم جي آفيسر امتياز علي رڪ پاران ڇاپو، ڇاپي دوران نيب ٽيم جو ٻڌي ڪري ٽائون چئرمين لياقت سومرو موقعي تي فرار ٿي ويو جڏھن ته  ،بعد ۾ چئيرمين لياقت علي سومرو ٻيهر  آفيس پهتو جڏھن ته ٽائون آفيس جي مکيه گيٽ بند ڪري پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا بعد ۾ ٽائون آفيسر روشن لولائي سان رابطو ڪيو ويو ته هو فورن آفيس پهتو جڏھن ته نيب سکر 2016 جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آھي هوڏانهن نيب ٽيم جو ٻڌي ڪري آفيس جو عملو غائب ٿي ويو جڏھن ته آفيس ۾ صرف 2 ملازم موجود هئا. ان دوران نيب ٽيم جي آفيسر  امتياز علي رڪ جي اڳواڻي ۾ 12بجي کان آيل ٽيم پنجن ڪلاڪن تائين ٽائون ڪميٽي ڏوڪري جي ٽائون آفيسر روشن لولائي ۽ چئيرمين لياقت علي سومرو ٽيم کي ته رڪارڊ ۽ معلومات ڏيندا رهيا. جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نيب ٽيم جي آفيسر امتياز علي رڪ چيو ته جاچ جي سلسلي ۾ اسان هتي آيا آهيون ۽ رڪارڊ چيڪ ڪيو آهي ۽ اڃا رڪارڊ گهربل آهي جيڪو اهو جمعي 24 جون تي ٽائون ڪميٽي ڏوڪري جي چيئرمين لياقت علي سومرو رڪارڊ سميت سکر نيب آفيس آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم. جنهن بعد نيب پنج ڪلاڪ مڪمل جاچ ۽ ڪجهه رڪارڊ کڻي رواني ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *