نيب جو نالو تبديل ڪري ن ليگ احتساب بيورو رکيو وڃي، عمران خان کي پاڪستاني هٽلر ٿيڻ نه ڏينداسين: احسن اقبال/مريم اورنگزيب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻن چيو آهي ته ڀلي سڀني کي جيل ۾ وڌو وڃي، اسان جي آواز کي دٻائي نه ٿو سگهجي، عمران خان جي ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اڄ وري جمهوريت لاءِ هڪ ڪارو ڏينهن آهي، ووٽن سان چونڊيل وڌيڪ هڪ وزيراعظم کي نيب گرديءَ جو نشانو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي ڪا حڪومت نه آئي آهي جنهن کي هر پاسي کان ٿڌي هوا ملي هجي، حڪومت ملڪي معيشت کي ڏيوالي طرف وٺي وڃي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت جي اسڪينڊل تي پردا وڌا پيا وڃن، نيب جو نالو تبديل ڪري ن ليگ احتساب بيورو رکيو وڃي، اسان عمران خان کي پاڪستاني هٽلر ٿيڻ نه ڏينداسين. مريم اورنگزيب چيو ته غير تصديق ٿيل گرفتاري وارنٽ جي فوٽو ڪاپي تي اڳوڻي وزيراعظم کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *