نيب جو قانون مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي، سڀني جو برابر احتساب ٿيڻ گهرجي: سينيٽ چيئرمين

سکر (اين اين آءِ) سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته نيب جو قانون مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي، سڀني جو احتساب برابر ٿيڻ گهرجي، نيشنل سيڪيورٽي، پرڏيهي پاليسي سميت تمام فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، آچر تي سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني نيب تي ڪڙڪي پيو ۽ چيو ته نيب مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي، احتساب سنڀي جو برابري واري بنياد تي ٿيڻ گهرجي، سينيٽ جي چيئرمين احتساب لاءِ نيشنل اڪائونٽي بلٽي ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني، رضا رباني چيو ته ڪجهه طاقتون ملڪ ۾ سول حڪمرانن جي بالادستي نٿيون چاهين ان لاءِ ذوالفقار ڀٽي جو عدالتي قتل ڪيو ويو، هن چيو ته سيڪيورٽي، پرڏيهي پالسي سميت سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، ان کانپوءِ سينيٽ جو چيئرمين ڳڙهي خدا بخش ۾ پ پ جي قائد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح خواني ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *