نيب جا اين ٽي ايس جي ٻن آفيسن تي ڇاپا، اداري جو سربراهه گرفتار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب جي جاچ ٽيمن نيشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) جي 2 آفيسن تي ڇاپا هڻي اداري جي سي اي او ڊاڪٽر شيرزاده سميت ٻين ملازمن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب بدعنوانين ۽ پرچو ليڪ ٿيڻ جي شڪايت تي نيب چيئرمين نوٽيس ورتو هو ۽ نيب جون جاچ ٽيمون جوڙيون ويون هيون، اڄ نيب جي جاچ ٽيمن اسلام آباد ۾ اين ٽي ايس جي ٻن آفيسن ۾ پهچي اين ٽي ايس جي رڪارڊ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ قبضي ۾ ورتو. نيب اين ٽي ايس جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ڊاڪٽر شيرزاده ۽ ايڊمن انچارج سميت 5 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو. نيب اختيارين اين ٽي ايس جي عملي کان پڇا ڳاڇا به ڪئي وئي. نيب جي ٽيمن سان گڏ ايف بي آر جو عملو به موجود هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *