نيب بلوچستان ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون: بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن جو اڳوڻو چيئرمين ۽ 2 ڊپٽي ڊائريڪٽرز سوگها

ڪوئيٽه(اي پي پي) نيب بلوچستان ڪارروائي ڪري اڳوڻي پبلڪ سروس ڪميشن بلوچستان جي چيئرمين اشرف مگسيءَ کي 2 ڊپٽي ڊائريڪٽرز سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. سرڪاري ذريعن موجب سومر ڏينهن نيب بلوچستان ڪارروائي ڪندي اڳوڻي چيئرمين بلوچستان پبلڪ سروس ڪميشن اشرف مگسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر نياز محمد ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالوحيد کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جوابدارن مٿان اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ، ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ 2 پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سميت ڪيترن ئي نااهل ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جو الزام هو. جوابدارن ان عرصي دوران ڪروڙين رپين جا غبن پڻ ڪيا، نيب بلوچستان ڪرپٽ عنصرن خلاف ڪارروايون تيز شروع ڪري ڇڏيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *