نيب اسحاق ڊار جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ مسلسل غير حاضري تي اسحاق ڊار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري رکيا آهن. تفصيل موجب نيب ناڻي واري وفاقي وزير جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. نيب اسحاق ڊار جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ گهرو وزارت کي درخواست ڏني جنهن سان گڏ ڪورنگ ليٽر ۽ احتساب عدالت طرفان جاري سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽن جي نقل به لڳائي وئي. نيب طرفان ليٽر ۾ تفصيلي طور ٻڌايو ويو آهي ته اسحاق ڊار ڄاڻي واڻي احتساب عدالت ۾ پيش ناهي ٿي رهيو، هو ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ جي باوجود عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو ان ڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي. ذريعن موجب نيب جي درخواست تي گهرو وزارت جي ٽي رڪني ڪميٽي اسحاق ڊار جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت فيصلو ڪندي جنهن جي ايندڙ 72 ڪلاڪ ۾ اچڻ جي اميد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *