نيب آرڊيننس سپر اين آر او قرار، عمران خان ٽن سالن ۾ ڪرپٽ اي ٽي ايمز کي پنهنجي پاڇي ۾ رکيو: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته نيب آرڊيننس اصل ۾ اين آر او نه پر سپر اين آر او انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي نيازي نيب جوڙي جو حصو آهن ۽ عمران نيازي جا اي ٽي ايم آهن چيئرمين نيب جسٽس (ر) جاويد اقبال نيب ۾ رهي بدنامي ئي ڪمائي آهي. ان ڪري بهتر اهو آهي ته هو پاڻي ئي استعفيٰ ڏئي هليو وڃي. نيب آرڊيننس فقط نيب چيئرمين جي عهدي ۾ واڌ جو معاملو ناهي پر ان ۾ سموريون ڳالهيون غير آئيني آهن. ڪلفٽن ڪنٽونمنٽ بورڊ جي آزاد اميدوار ڪاميابي کان پوءِ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. جنهن کان پوءِ اتان جي 10 مان 5 اميدوارن جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان آهي ۽ انشاءَ الله ڪراچي جي 6 مان 3 ڪنٽونمنٽ بورڊ جا چيئرمين هن ڀيري پيپلز پارٽي جا هوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي واري ڏينهن پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ جو خاص مددگار ۽ پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، ڪرم الله وقاص، پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ ڪلفٽن ڪنٽونمنٽ بورڊ وارڊ 3 جو آزاد اميدوار محمد جميل ۽ ان سان گڏ آيل ان ئي وارڊ جا معزز شڪيل امين، شعيب، اعجاز، تنوير، محمد علي، ارشد، محمد حفيظ سميت ڪيترائي ماڻهو ان سان گڏ موجود هئا. سعيد غني چيو ته محمد جميل جنهن 2015 ۾ پي ٽي آئي جي ٽڪيٽ تان ان ئي وارڊ تي ڪاميابي ماڻي هئي هن ڀيري هن آزاد اميدوار طور 13 اميدوارن جو مقابلو ڪيو ۽ ڪامياب ٿيو آهي ۽ اسان کي اڄ خوشي آهي ته هو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪلفٽن ڪنٽونمنٽ جي 10 مان 4 وارڊ تي پيپلز پارٽي پهريان ئي ڪامياب ٿي آهي ۽ اڄ محمد جميل جي شموليت سان اسان جو انگ 5 ٿي ويو آهي ۽ انشاءَ الله اسان اتي پنهنجو وائيس چيئرمين آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. ان موقعي تي وقار مهدي محمد جميل ۽ باقي ساٿين کي پيپلز پارٽي ۾ شموليت تي مبارڪون پيش ڪندي کين يقين ڏياريو ته پيپلز پارٽي هر وقت ساڻن گڏ رهندي. هن چيو ته تازي ڪنٽونمنٽ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي هن شهر ۾ سڀني کان وڌيڪ ووٽ وٺندڙ سياسي جماعت طور سامهون آئي آهي ۽ انشاءَ الله اسان ڪلفٽن ڪنٽونمنٽ بورڊ سميت ڪورنگي ۽ منوڙا ڪنٽونمنٽ ۾ پنهنجا وائيس چيئرمين آڻينداسين. صحافين جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته اسان پهرين ئي چئي چڪا آهيون ته هي نيب اصل ۾ نيب نيازي جوڙي آهي ۽ هي اپوزيشن جي فقط انهن اڳواڻن جي خلاف ڪم ڪري رهيو آهي جيڪي موجوده نالائق، نااهل ۽ سليڪٽيڊ حڪومت ۽ ان جي وزيرن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جسٽس(ر) جاويد اقبال ۾ اهڙي ڪهڙي خوبي آهي جيڪا هن 22 ڪروڙ عوام جي پوري ملڪ جي ڪنهن به ماڻهو ۾ ناهي. هن چيوته ڪو آرڊيننس ڪنهن هڪ شخص کي ڏسي بڻائڻ سان اهو ثابت ٿيندو آهي ته هو اصل ڇا آهي. سعيد غني چيو ته مان جسٽس(ر) جاويد اقبال کي مشورو ڏيندس ته هن نيب ۾ رهي فقط بدنامي ئي ڪمائي آهي ان ڪري هو پاڻ ئي ان عهدي تان استعفيٰ ڏئي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ان آرڊيننس جو اصل مقصد نيازي کي پنهجي انهن اي ٽي ايم کي شيلٽر ڏيڻو آهي جيڪي کنڊ، ڪڻڪ، پيٽرول، ايل اين جي، دوائن ۽ ٻين شين جي اگھن کي وڌائڻ جو ڪارڻ بڻيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جهڙي ريت گذريل ٽي سال عمران نيازي پنهنجي اي ٽي ايمز کي ڇانون ۾ رکيو آهي هن پينڊورا پيپرز کان پوءِ ٻيهر ان ۾ ملوث پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن ۽ پارليمينٽرين کي ڇانون فراهم ڪرڻ جي لاءِ آرڊيننس جو سهارو وٺي رهيو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان جو پهرين جيڪو موقف آف شور ڪمپنين لاءِ هو اهو موقف کيس رکڻو پوندو ۽ ان جي سمورن وزيرن ۽ جن جن جا نالا پينڊورا پيپرز ۾ آيا آهن انهن کان استعيفيٰ وٺي جانچ ڪرڻ گھرجي پر هو انهن اي ٽي ايمز کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پاڻ جانچ جو چئي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ليڊر آف اپوزيشن جي مشاورت آئين ۽ قانون ۾ موجود آهي ۽ ان ۾ ڪنهن جي مرضي نه هلندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته موجوده نالائق، نااهل ۽ سليڪٽيڊ وزير اعظم ۽ ان جي حڪومت جو مقصد تاحيات اهو آهي ته جاويد اقبال تاحيات چيئرمين نيب رهي ۽ ان جي ڪري حڪومت گند ڪري رهي آهي. شرجيل ميمڻ جي استعفيٰ جي سوال تي هن چيو ته هو هن وقت وزير ناهي ۽ هن پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ جو چيو آهي هن چيو ته شرجيل ميمڻ ۽ شوڪت ترين ۾ فرق آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پيپلز پارٽي جڏهن 2008 ۾ اقتدار ۾ آئي ته ان وقت ڏيڍ ارب روپين جون خوراڪ جو جنسون امپورٽ ڪيون وينديون هيون پيپلز پارٽي جيستائين حڪومت ۾ رهي اهوسڀ مڪمل تبديل ٿيو ۽ اسان خوراڪ جي جنسون کي نه صرف ڏيڍ ارب جي امپورٽ کي ختم ڪري 50 ڪروڙ روپيا ڪري 2 ارب روپيا بچايا. هن چيو ته جڏهن کان موجوده حڪومت آئي آهي هن 4 ارب روپين جون خوراڪ جو جنسون امپورٽ ڪري پنهنجي نالائقي ۽ نااهلي کي ثابت ڪيو آهي هن چيو ته ملڪ ۾ اٽي جي قلت جو ذميوار سنڌ کي چوندڙ نالائق وزير اهو ٻڌائين ته پنجاب جيڪو ملڪ جو 70 سيڪڙو ڪڻڪ پيدا ڪندڙ صوبو آهي اتي اڄ اٽي جي قلت ڇو آهي جڏهن ته سنڌ ته فقط 1 لک ملين ٽن ڪڻڪ پيدا ڪندو آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اپوزيشن جماعتون ۽ خاص ڪري پيپلز پارٽي عوامي اشوز تي آواز اٿاريندي رهندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *