نيب آرڊيننس جو مقصد ملڪ ۾ عدل جي نظام تي حملو آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب آرڊيننس جو مقصد ملڪ ۾ عدل جي نظام تي حملو آهي، نيب چيئرمين جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ آهي، پاڪستان جي مسئلن جو واحد حد بنادير ۽ شفاف اليڪشن آهي هي مذهبي جماعت اها ئي جماعت اهي جيڪا جنرل اليڪشن ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن به وڙهي آهي، هاڻي هن جماعت جو نالو وٺڻ تي به ٽي وي اسٽيشن بين ٿي وڃن ٿا احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيب کي حق جو آواز دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، سچ ۽ ڪوڙ عوام جي سامهون اچڻ گهرجي، شاهد خاقان عباسي چيو ته جيستائين آئين تي نه هلنداسين ملڪ ترقي نه ڪندو، هن ملڪ ۾ هڪ سچائي جو ڪميشن ٺاهي ڇڏيو، سڀ پتو پئجي ويندو هن چيو ته پنجاب ۾ رينجرز مقرر ڪئي وئي اهي، پر اوهان خبر نٿا ڏيکاري سگهون هي اها ئي جماعت آهي جيڪا جنرل اليڪشن ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جي اليڪشن به وڙهي آهي، شاهد خاقان عباسي چيو ته پوليس جا ماڻهو شهيد ٿين ته پارليمينٽ ۾ اچي ڇو نٿا ڳالهه ڪريو، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ڇو نٿو گهرايو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *