نيئن ٽيسٽ رينڪنگ: اسمٿ بهترين بيٽسمين، اينڊرسن بالر ۽ شڪيب ٽاپ آل رائونڊر قرار

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل رانديگرن جي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪئي جنهن موجب آسٽريلوي ڪپتان اسٽيون اسمٿ بيٽنگ، جيمز اينڊرسن بالنگ ۽ شڪيب الحسن آل رائونڊر جي لسٽ ۾ ٽاپ پوزيشن تي آهن. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽيسٽ رينڪنگ ۾ شروعاتي 10 بيٽسمينن ۾ پاڪستان طرفان اظهر علي اٺين پوزيشن تي آهن جڏهن ته 10 بهترين رانديگرن بيٽسمينن ۾ آسٽريليا، نيوزي لينڊ ۽ ڀارت جا 2،2 جڏهن ته پاڪستان، انگلينڊ، سري لنڪا ۽ ڏکڻ آفريقا جو هڪ هڪ بيٽسمين شامل آهي. آسٽريلوي ڪپتان اسٽيوم اسمٿ مسلسل ٻه سال ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي آهي ۽ انگلينڊ خلاف تازي ئي پرٿ ٽيسٽ ۾ ڊبل سنچري کان پوءِ هو ماضي جي مشهور بيٽسمين باز ڊان بريڊمن جي سڀ کان وڌيڪ رينڪنگ ويجهو پهچي ويو. اسمٿ 945 پوائنٽس سان بهترين بيٽسمينن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي 893 پوائنٽس سان ٻئي ۽ ڀارت جي ئي چتسور پجارا هڪ درجوترقي حاصل ڪري ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. بهترين بالرن جي لسٽ ۾ انگلينڊ جي جيمز اينڊرسن 892 پوائنٽس سان ٽاپ پوزيشن تي موجود آهي ۽ 10 بهترين بالرن ۾ پاڪستان جو ڪو به بالر شامل ناهي. ڏکڻ آفريقا جو ڪگيسو رابادا 876 پوائنٽس سان ٻئي، ڀارت جو روندرا جديجا ٽئين، روي چندرن ايشون چوٿين، هيزلي وڊ پنجين، رنگنا هيراٿ ڇهين، نيل ويگنر ستين، مچل اسٽارڪ اٺين، ليون نائين ۽ ڏکڻ آفريقا جو ڊيل اسٽين ڏهين نمبر تي موجود آهي. پنج بهترين آل رائونڊرز جي فهرست ۾ به پاڪستان جو ڪ ورانديگر شامل ناهي، بنگلا ديش جي شڪيب الحسن ٽاپ آل رائونڊر پوزيشن تي قبضو ڄمايو جڏهن ته ڀارت جو روندرا جديجا ٻئي، انگلينڊ جو بين اسٽوڪ ٽئين، روي چندر ايشون چوٿين ۽ معين علي پنجين پوزيشن تي موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *