نون پائليٽس اعتراف ڪيو ته اسان جي بدران ڪنهن ٻئي امتحان ڏنو: غلام سرور جو انڪشاف

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وفاقي وزير غلام سرور جهاز حادثي بابت ڳالهائيندي چيو ته شوڪاز کان پوءِ اسڪروٽني ۾ ڪيترن ئي پائليٽس جون ڊگريون جعلي نڪتيون هيون، 262 پائليٽس جا شڪي لائسنس تي ڳڻتي آهي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ايندڙ شڪي لائسنس وارا پائليٽس جهاز نه اڏائيندا شڪي لائسنس وارن پائليٽس جي فلائنگ روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي غلام سرور چيو ته جهاز حادثي بابت مڪمل رپورٽ اڃا ناهي آئي جڏهن ته جاچ رپورٽ انشاءالله هلندڙ سال ئي اچي ويندي ۽ جاچ ڪميٽي ۾ عالمي ماهر به شامل هئا وزيراعظم جي نوٽيس ۾ معاملو آندو هن چيو ته انڪوائري ٿيڻ گهرجي وزيراعظم چيو ته اهڙن ماڻهن کي ڪڍو ۽ سزا به ڏيو سي اي اي اڄ اهڙن پائليٽس کي گرائونڊ ڪرڻ تي ئي ڪم ڪري رهيو هو غلام سرور خان ٻڌايو ته وزيراعظم چيو ته اهڙن پائليٽس کي جلد گرائونڊ ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته اهڙن ماڻهن کان جهاز نه اڏايا وڃن هن چيو ته اهڙا ماڻهو اسان جي نظر ۾ آهن جن ۾ هٿ وڌو ويندو 9 پائليٽس اعتراف ڪيو ته اسان جي جڳهه تي ڪنهن ٻئي امتحان ڏنو وفاقي وزير يو ته ماضي ۾ اهڙن معاملن تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو ڀوجا ۽ ايئر بلو حادثن ۾ به پائليٽس جي ڪوتاهي آڏو آئي جن ماڻهن معاملي کي نظراندز ڪيو انهن خلاف به ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته پائليٽس جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي آهي جيڪا هاڻي رپورٽ جو حصو آهي مڪمل رپورٽ پيش ڪنداسين ته ايوان کي ڳالهه ٻولهه کان به آگاهه ڪنداسين ڪوشش ڪري رهيا آهيون تههلندر سال ئي مڪمل انڪوائري رپورٽ پيس ڪيون ان سان گڏ سفارشون به پيش ڪيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *