نون ليگ ۾ وڏي ڌڙابندي جي دعويٰ،  نالالئي منصوبي جي افتتاح بعد سياست ڇڏي ڏيندس: شيخ رشيد جو اشارو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چونڊون ويجهو ٿيندي ئي مسلم ليگ نون ۾ نئون ڌڙو ٺهي ويندو، مان هاڻي نون ليگ کي 2 جي بدران 3 گروپن ۾ ورهايل ڏسان ٿو. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد راولپنڊي ويمن يونيورسٽي ۾ نئين تعمير ٿيل پوسٽ گريجوئيٽ بلاڪ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ادارن جي خلاف ڳالهائيندڙ ۽ جيڪي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا اهي سڀ منهن ڀَر ڪرندا. شيخ رشيد چيو ته پاڪستاني سياست جا 120 ڏينهن اهم آهن، وزيراعظم عمران خان سرخرو ٿيندو، عمران خان جي اڳواڻي ۾ انشاءَ الله تبديلي آڻينداسين. هن چيو ته عمران خان جي اڳواڻي ۾ مهانگائي تي به ڪنٽرول ڪري وٺنداسين، وزيراعظم ڪورونا جي وبا کي بهتر طريقي سان هينڊل ڪيو، هو افغانستان کي به بهتر طريقي سان ڏسي رهيو آهي، طورخم بارڊر کليل آهي، چمن بارڊر کي درست ڪيو ويندو. گهرو وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ وڏي حساس ۽ ڳڻتي جوڳي دور مان گذري رهيو آهي، سياست دان اولهه ڏانهن ڏسي رهيا آهن جڏهن ته سياست اوڀر کان اڀري رهي آهي. وفاقي وزير چيو آهي ته 22 آڪٽوبر کان سياست ۾ تيزي ايندي، وزيراعظم عمران خان ڀرپور تياري سان چونڊن ۾ ويندو. راولپنڊي ويمن يونيورسٽي ۾ نئين تعمير ٿيل پوسٽ گريجوئيٽ بلاڪ جي حوالي سان هن ٻڌايو ته پوسٽ گريجوئيٽ بلاڪ 13 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ويمن يونيورسٽي ۾ 40 ڪروڙ رپين جي هاسٽل به تعمير ٿي رهي آهي، راولپنڊي شهر عورتن جي تعليم ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان اڳتي آهي. پنهنجي خطاب ۾ هن اهو به چيو ته 50 سالن جي تعليم جو منصوبو مڪمل ڪري ورتو آهي، وڌيڪ به ڪم ڪري رهيا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *