نوشهرو فيروز ۽ ڪنڊياري ۾ روڊ حادثا، ٻن ڊرائيورن سميت 6 ڄڻا فوت 26 مسافر زخمي

نوشهروفيروز (نمائندو) نوشهرو فيروز ۽ ڪنڊياري ۾ ٻن ڌار ڌار روڊ  حادثن جي نتيجي ۾ ٻن ڊرائيورن سميت 6  ڄڻا فوت ۽ 26 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.  نو شهروفيروز ويجهو قومي شاهراهه تي بهاول پور کان سيوهڻ ويندڙ ڪوچ  تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت 5 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ عورتن، ٻارڙن سميت 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. موٽر وي  پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش  ۽ زخمين کي نوشهر فيروز اسپتال ۾ منتقل ڪيو . فوتين ۾ ڪوچ ڊرائيور محمد يونس، سراج، غلام عباس ۽ غلام مصطفيٰ  شامل آهن، جن جا لاش سرڪاري ايمبولينس ۾ اباڻن ڳوٺن ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن. معمولي زخمين کي هنگامي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 14 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب اُهي مختلف اسپتالن ۾ اعلاج هيٺ آهن. حادثي ۾ زخمي ٿيلن ۾ مظهر حسين، نديم، آصف، مسمات جئيندان، وجاهت، محمد ابرار، ڪلثوم بي بي سسئي  ۽ ٻيا شامل  آهن.  ڪنڊياري ۾ ٻن ٽرالرن  وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾  هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. حادثي ۾ ٽنڊي آدم واسي ٽرالر ڊرائيور مولابخش عرف راجا فوت ۽ لوڌران واسي عمران زخمي ٿي پيو. فوتي جو لاش تعلقه اسپتال ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته زخمي جو علاج جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *