نورا فاتحي ، ماهرا خان سان گڏ ڪم ڪرڻ بابت ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ  ۾ “دلبر گرل” نالي سڃاتي ويندل مراڪشي اداڪارا نورافاتحي پاڪستاني سپر اسٽار ماهرا خان جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته ماضي جي مشهور گيت “دلبر دلبر” تي آئٽم نمبر ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ بالي وود آئٽم گرل نورا فاتحي کي پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جي ايندڙ فلم “سپر اسٽار” ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نورا بالي وود جيان هن فلم ۾ به آئٽم نمبر ڪندي نظر ايندي.نورا جي پاڪستاني فلم ۾ شموليت جي خبر سندس جي پاڪستان ۾ موجود مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو هو، پر نورا طرفان پاڪستاني فلم سائن ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت ڪو به بيان سامهون نه آيو هو. پر هاڻي نورا ان بابت خاموشي ٽوڙيندي فلم “سپر اسٽار” ۾ آئٽم نمبر ڪرڻ بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته خبر ناهي ته اها افواهه ڪٿان پکڙي، پر آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿي ته اها خبر ڪوڙي آهي، نه آئون ڪا پاڪستاني فلم سائن ڪئي آهي ۽ نه ئي فلم “سپر اسٽار” ۾ ڊانس نمبر ڪري رهي آهيان آئون اهي خبرون ٻڌي حيران آهيان. نورا وڌيڪ وڌيڪ چيو ته هن وقت منهنجو ڌيان مڪمل طور تي پنهنجي ڪيريئر تي آهي آئٽم سونگز تي نه.واضح رهي ته ماهرا خان هاڻوڪي ڏينهن ۾ فلم “سپر اسٽار” جي شوٽينگ ۾ مصروف آهي جنهن ۾ ماهرا سان گڏ اداڪارا اشرف مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *