نوجوانن کي ئي ملڪ کي موجوده دٻڻ مان ڪڍي ترقي طرف وٺي وڃڻو آهي: عمران خان

پشاور (اين اين آءِ) پي ٽِ آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو ۽ مستقبل جا معمار آهن ۽ انهن کي ئي ان ملڪ کي دٻڻ مان ڪڍي ترقي طرف وٺي وڃڻو آهي موجوده حڪمران ان کي عظيم ملڪ بنائڻ ۾ ناڪام ٿي ڇڪا آهن 1960 جي ڏهاڪي ۾ ترقي پذير ملڪن ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ليکيو ويندو هو پر قيادت جي کوٽ سبب ترقي بدران پوئتي وڃي رهيو آهي جيڪو هڪ قومي الميو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن ڪوهاٽ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ۾ 23 مارچ جي مناسبت سان ڪوٺايل شاگردن واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. عمران خان ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته هر قسم جي وسيلن سان نوازيل ملڪ کي حڪمران خيرات ۽ قرض وٺي هلائي رهيا آهن ۽ خيرات ۽ قرض وٺي ان کي پنهنجي ڪاميابي ڪوٺين ٿا نوجوانن سان ڳالهائيندي هن چيو ته اوهان اسان واريون غلطيون نه ورجائيندا ۽ ملڪ کي عظيم بنائڻ لاءِ سخت محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي آهي ۽ حڪمرانن سان حقن لاءِ وڙهڻو آهي عمران خان چيو ته اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ کي ورهائڻ بدران متحد ڪرڻ لاءِ عهد ڪيون هن چيو ته حضرت محمد صلعم جي هستي ۽ مديني جي فلاحي رياست اسان لاءِ رول ماڊل آهي ۽ ان جي پيروي ڪري صهيح معنيٰ ۾ پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بنائڻو آهي جتي قانون جي بالادستي ۽ انصاف هجي طاقتور ۽ غريب لاءِ الڳ الڳ قانون نه هجي ان چيو ته بزدل ماڻهو ڪڏهن به هڪ مثالي ليڊر نٿو بڻجي سگهي ڇو ته ليڊر انسانن ۽ انسانيت لاءِ هوندو آهي عمران خان چيو ته موجوده دور ۾ چائنا جو نظام پنهنجو مثال پاڻ آهي جنهن 25 سالن ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت جي لڪير مان ڪڍي ورتو ۽ هو خود به ان کي اسٽيڊي ڪرڻ لاءِ چائنا وڃي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *