نواز ۽ عمران ٻئي لاڏلا آهن، مشرف جهڙو ڊڄڻو سڄي دنيا ۾ ڪير به ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

سکر(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مشرف جهڙو بزدل دنيا ۾ ڪير به ناهي، عدالت ويندي ئي چيلهه جي سور جو بهانو ڪيو ۽ رڙيون ڪيون ته مون کي پاڪستان مان ڪڍو، اعتزاز احسن درست چيو هو ته ٻن لاڏلن جي وچ ۾ ويڙهه ٿي رهي آهي، نواز شريف ۽ عمران خان ٻئي لاڏلا آهن ۽ هن وقت ٻنهي لاڏلن جي وچ ۾ اقتدار  جي ويڙهه جاري آهي. سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف ڪڏهن به نظرياتي نٿو سگهي، هن وٽ ڪو به نظريو ناهي ۽ نه ئي ڪو ويزن جيڪو ملڪ کي ترقي جي رستي تي ڪامزن ڪري سگهي.  اسان نواز شريف تي اعتماد نٿا ڪري سگهون ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ مسلم ليگ ن خلاف ڀرپور تياري سان ميدان ۾ اينداسين. ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان اڄ تائين افواهه هلي رهيا آهن پر اليڪشن تي ٿيندي، حڪومت مدو پورو ڪندي ۽ ملڪ ۾ اليڪشن پرامن ٿيندي. بلاول جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان سنڌ ۾ ايندو ته وڌيڪ ناراض ٿي ويندو آهي. سيوهڻ شريف ۾ ناڪام جلسي کان پوءِ هن ڊرامو ڪيو ۽ سنڌ ۾ پنهنجين ناڪامين تي پردو وجهڻ لاءِ پيپلز پارٽي خلاف بي بنياد ۽ ڪوڙي پروپيگنڊه ڪئي. ماڊل ٽائون ۾ معصوم ماڻهن تي گوليون هلايون ويون، اسان ماڊل ٽائون سانحي جي شهيدن جي وارثن سان گڏ آهيون ۽ شهيدن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ طاهر القادري جي مڪمل حمايت ڪنداسين.  سندس چوڻ هو ته هن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پرويز مشرف قاتل آهي، محترمه جي قتل ۾ به اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو هٿ هو جڏهن ته نواب اڪبر بگٽي جو قاتل به مشرف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *