نواز ليگ ڏکيائين مان گذري رهي آهي، جلسو تاريخي هو: مريم نواز

لاهور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ استعيفيٰ ۽ لانگ مارچ سوڌو پي ڊي ايم جي سمورن فيصلن جي توثيق، ليگي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي 31 ڊسمبر تائين استعيفائون قيادت آڏو جمع ڪرائڻ جي هدايت، مريم نواز، شاهد خاقان عباسي ۽ خواجه آصف جي گڏيل صدارت هيٺ سي ڊبليو سي جو اجلاس، اسپيڪر آڏو استعيفائون جمع ڪرائڻ جو اختيار پارٽي قيادت حوالي ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ نواز ليگ جي ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽرز ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي، لاهور ۾ ڪامياب جلسو ڪرڻ تي مريم نواز سوڌو پي ڊي ايم جي سموري قيادت کي ڀيٽا پيش، مريم نواز سي ڊبليو سي کي خطاب ڪندي چيو ته سڀني کي خبر آهي ته لاهور  جلسي دوران پنڊال کان ٻاهر به  ماڻهو موجود هئا، سڀني ماڻهن کي گڏ ڪيو وڃي ته لاهور وارو جلسو تاريخي هو، نواز ليگ جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڏکيائين مان گذري رهيا آهن، اُهي قيادت سان گڏ آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *