نواز ليگ پاناما ليڪس بابت جي آءِ جي ٽي جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير احسن اقبال جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي ردي قرار ڏيندي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن چيو ته سٺو هجي ها جيڪڏهن وزيراعظم خلاف مالي بدعنواني جو ثبوت ڪڍيو وڃي ها، چونڊي چونڊي جي آءِ ٽي ۾ مخالفن کي کنيو ويو، جي آءِ ٽي جي رپورٽ واري ڪوڙ کي سپريم ڪورٽ ۾ بي نقاب ڪنداسين، احسن اقبال چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ ڪو دليل ۽ ڪو مستند جواز ناهي، هن چيو ته رپورٽ ۾ وزيراعظم خلاف ڪرپشن، مالي بدعنواني ۽ ٽيڪس چوري جو ڪو الزام ناهي، پاڪستان ۾ هن وقت هڪ راند کيڏي پئي وڃي، هن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ڌرڻو ون ۽ ڌرڻو ٽو وانگر ناڪام ٿيندي، هن چيو ته جي آءِ ٽي جي رپورٽ اسان جي خدشن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو.ٻئي طرف وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته سورس رپورٽ جي ڪنهن عدالت ۾ شاهدي طور اهميت ناهي هوندي، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ رحمان ملڪ جي ڳالهين تي وڌيڪ ڀاڙيو ويو آهي، گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا آصف چيو ته مان سمجهندو هيس ته جي آءِ ٽي مضبوط شاهدين تي ڀاڙيندي، هن چيو ته حسين نواز جي سعودي عرب ۾ ڪمپني کان هتي پئسا اماڻيا ويا، جتان پئسا ڪمايا ويا ۽ پاڪستان اماڻيا ويا، اتي ڪو قانون حرڪت ۾ نه آيو، اسان کي سپريم ڪورٽ تي پورو اعتماد آهي، وزيراعظم جي پٽ قانوني طريقي سان رقم اماڻي، هن چيو ته اهي پئسا بئنڪنگ چينل ذريعي نواز شريف جي اڪائونٽ ۾ آيا، برطانيا ۾ ٽيڪس ۽ بينڪنگ قانون پاڪستان کان وڌيڪ سخت آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *