نواز ليگ سنڌ ۾ انتقامي ڪارروائيون پئي ڪري: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو(بيورو) پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي ادارن جي ڪارروائين تي افسوس جو اظهار ڪندي پارٽي اڳواڻن کي مڪاني چونڊن لاءِ تياريون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته مڪاني چونڊن ۾ پ پ ڪلين سوئيپ ڪري ڏيکاريندي. نئين ديري ۾ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ ايگزيڪيوٽو ۽ ورڪنگ ڪميٽيز جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، فريال ٽالپر، آغا سراج دراني ۽ ٻنهي ضلعن جي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ايم پي اي سردار خان چانڊئي شرڪت نه ڪئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته نيب ۽ ايفآءِ اي جون سنڌ ۾ ڪارروايون صوبائي خودمختياري تي حملي برابر آهن. هن چيو ته نواز ليگ سنڌ ۾ انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، پر پيپلز پارٽي جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾مڪاني چونڊون پ پ لاءِ وڏو چئلينج آهن، ان ڪري ڪارڪن متحد ٿي تياريون تيز ڪن. هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ سرگرم ڪارڪنن کي ٽڪيٽون ڏنيون وينديون. بلاول ڀٽي زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڪلين سويپ ڪندي. ٻئي طرف سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت ۾ نئون ديرو هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور تياريءَ سان حصو وٺڻ ۽ پارٽيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن سان رابطو تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سکر ڊويزن جي ورڪرز جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي رهيل ضلعن جي پارٽي ورڪرن جو اجلاس 4 سيپٽيمبر تي نئون ديرو هائوس ۾ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن اجلاس کان پوءِ نئون ديرو هائوس تي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ حڪومت يا پيپلز پارٽي احتساب کان نه ٿي گهٻرائي ۽ نه ئي احتساب جي خلاف آهيون پر احتساب بنا فرق جي سڀني جو ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن احتساب ۽ ڪاروايون هڪطرفيون ٿينديون ته پوءِ برداشت ڪرڻ به ڄاڻون ٿا ۽ جدوجهد ڪرڻ به ڄاڻون ٿا. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه کان سختيون برداشت ڪيون آهن ۽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ هر ڏينهن مشڪلاتن جو هوندو آهي ۽ اسان کي مشڪلاتن سان منهن ڏين به ايندو آهي. نثار احمد کهڙو چيو آهي ته  پيپلز پارٽيءَ تي دهشتگرديءَ ۾ ملوث ڪرڻ جو تاثر ڏيڻ مناسب ناهي ۽ ڊاڪٽر عاصم تي دهشتگرديءَ جا الزام حيران ڪندڙ آهن. هن چيو ته صرف سنڌ کي نشانو ٺاهڻ بند ڪيو وڃي. هن چيو ته ڇا پنجاب حڪومت ۾ ان ڪري ڪاروائي نه پئي ٿئي ڇاڪاڻ جو پنجاب حڪومت وزيراعظم ميان نواز شريف جي ڀاءُ جي آهي. هن چيو ته ڇا واپڊا، پي آءِ اي سميت ٻين وفاقي ادارن ۾ ڪرپشن ناهي ۽ انهن ادارن جي خلاف ڇو نه ٿي ڪاروائي ڪئي وڃي. ڪاروائي بنا فرق جي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ليند مافيا، ٽارگيٽ ڪلنگ ، ڀتي خوري ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ آپريشن سڀني سياسي جماعتن جي اتفاق سان شروع ڪيو ويو جيڪو بنا فرق جي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ صوبائي ادارن جي هوندي وفاقي ادارن جو بنا اجازت جي ڪاروايون صوبائي خودمختياريءَ جي خلاف آهن ۽ سنڌ کي انهن ادارن جي پاڻ مرادو نوٽيس تي ڪاروائي ڪرڻ  تي اعتراض آهي ۽ سنڌ جي خدشن جو انصاف سان جائزو ورتو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي ڪرپشن جا الزام آهن ته ان خلاف پهريان ثبوتن سميت آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊاڪٽر عاصم تي الزام هيا ته پهريان سامهون آندا وڃن ها ۽ کيس سادن ڪپڙن ۾ گرفتار ڪرڻ پڻ مناسب عمل نه هو ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت پڻ پوليس جي سول ڊريس ۾ ڪاروايون کي پڻ غير قانوني قرار ڏئي چڪي آهي. هن چيو ته عمران خان ڀلي سنڌ جو دورو ڪري ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي. هڪ سوال ته پيپلز پارٽي جنگ جي ڳالهه ڪري رهي آهي ؟ جنهن  جواب ۾ هن چيو ته خورشيد شاهه وضاحت ڪري چڪو آهي ته جنگ جو مطلب جدوجهد آهي ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ هميشه جدوجهد مان گذري آهي ۽ جدوجهد پيپلز پارٽيءَ لاءِ نيون نه آهن. هن چيو ته پارٽيءَ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداريءَ جي صدارت ۾ لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ جي چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي عهديدارن جي اجلاس ۾ پارٽيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ڪارڪنن سان رابطي ۾ رهڻ تي پڻ زور ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *