نواز شريف ۽ نريندر مودي وچ ۾ ايندڙ مهيني ملاقات جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڀارتي هم منصب نريندر مودي وچ ۾ ايندڙ مهيني انڊونيشيا ۾ ملاقات جو امڪان آهي. ميڊيا رپورٽس موجب پاڪستان ۽ ڀارت جا وزيراعظم ايندڙ مهيني انڊونيشيا جي شهر بندونگ ۾ بندونگ ڪانفرنس جي 60 هين سالگرهه جي موقعي تي ملاقات ڪندا. سفارتي ذريعن موجب پاڪستان ڀارت سان ملاقات جي درخواست ناهي ڪئي پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ٿيندي. 1955ع ۾ بندونگ ڪانفرنس  ۾ پاڪ چين وزيراعظمن وچ ۾ پهرين باضابطا ملاقات ٿي هئي جنهن جي درخواست پاڪستان ڪئي هئي. سرد جنگ جي زماني ۾ ٿيل بندونگ ڪانفرنس ذريعي اڻ لاڳاپيل ملڪن جي تنظيم جوڙي وئي جنهن ذريعي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دوستي جو بنياد وڌو ويو. هلندڙ مهيني اپريل ۾ رٿيل بندونگ ڪانفرنس دوران به وزيراعظم نواز شريف پنهنجي چيني منصب سان ملاقات ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *