نواز شريف ۽ مريم نواز خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ  منظور

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جي خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي سومر تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق مدعي عدنان اقبال جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ نوازشريف مريم نواز اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نگران اداري پيمرا ۽ بين کي ڌر بڻايو ويو آهي درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته پانامه فيصلي ۾ نااهل قرار مليل ۽ سپريم ڪورٽ مان برطرفي کان پوءِ نوازشڙيف ۽ مريم نواز عدالتن جي خلاف نفرت پکيڙي رهيا آهن ٻنهي سياسي اڳواڻ ڪوٽ مومن جلسي ۾ ۽ پنجاب هائوس ۾ عدليه خلاف تقريرون ڪيون درخواست گذار اپيل ڪئي ته نوازشريف ۽ مريم نواز جا بيان توهين عدالت جي زمري ۾ اچن ٿا عدالت کي گذارش آهي ته ٻنهي ڌرين جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *