نواز شريف ۽ شهباز شريف سميت سموريون حڪومتون شخصيتون جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهن، : راڻا ثناءُ الله

لاهور(م.ڊ) پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽر طاهر القادري کي ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ ڪندڙ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم تي اعتراض آهي ته هو عدالت سان رابطو ڪري اڳوڻي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته حڪومت ماڊل ٽائون سانحي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير سميت سموريون حڪومتون شخصيتون ماڊل ٽائون سانحي جي جي آءِ ٽي جي سامهون پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهن، حڪومت رزاق چيما کي جي آءِ ٽي جو سربراهه مقرر ڪيو آهي ان جي ملازمت جو گهڻو عرصو سنڌ ۾ پنهنجا فرض انجام ڏيندي گذريو آهي ۽ ڪوبه شخص ان جي پيشيوراڻي ڪيريئر تي سوال نٿو کڻي سگهي، ان جي باوجود ڌرڻي واري سياست ڪندڙ جنهن کي چاهين ان خلاف بيان ڏئي ٿا ڇڏين ڊاڪٽر طاهر القادري کي ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم تي اعتراض آهي ته هو عدالت سان رابطو ڪري،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *