نواز شريف ۽ الطاف کي ڪڏهن غدار ناهي چيو، وزير اعظم پاناما ليڪس مسئلو جلد حل ڪرائي: بلاول

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز شريف ۽ الطاف کي ڪڏهن غدار ناهي چيو، وزير اعظم پاناما ليڪس مسئلو جلد حل ڪرائي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملاقات ۾ پاناما بابت مولانا کي درخواست ڪئي آهي ته سينيٽ ۾ پ پ سميت مختلف پارٽين بل پيش ڪيو هو ان تي نواز شريف کي سمجھائي ته اهو هن اشو کي جلد کان جلد حل ڪري. هن چيو ته انڪل الطاف کي ڪڏهن غدار ناهي چيو، هو ڪراچي جي سياسي حقيقت هو ۽ آهي. هن چيو ته مون نواز شريف کي به ڪڏهن غدار ناهي چيو. آئون هڪ چونڊيل وزيراعظم غدار چوڻ جو سوچي به نٿو سگھان. مون چيو هو ته مودي جي يار ڪو ايڪ ڌڪا اور ڪردو. هن چيو ته هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مائنس ون ته اڳ به هلندو رهيو آهي، ڪڏهن به ڪير به مائنس ٿي سگھي ٿو. هن چيو ته منهنجي ناني کي به مائنس ڪيو ويو. منهنجي ماءُ، مامي مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي به مائنس ڪيو ويو، اڄ هي چون ٿا ته زرداري کي مائنس ڪري ڇڏيو، سڀاڻي چوندا ته بلاول کي به مائنس ڪري ڇڏيو. مولانا فضل الرحمان سان اتحاد بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هاڻي ڏسڻو آهي ته مولانا صاحب اسان سان ڇا ٿو ڪري. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته مولانا فضل الرحمان منهنجو سينئر آهي، هن منهنجي پيءُ سان گڏ ڪم ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان هميشه جمهوريت لاءِ ڪم ڪيو آهي. مولانا سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. مولانا ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين به آهي ان ڪري ڪشمير معاملي تي ڳالهايو آهي، اسان جي ملاقات ڪنهن خلاف ڪا سازش ناهي. ان موقعي تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري خوشي ٿي. ملڪي سالميت جي مسئلن تي گڏجي ڪم ڪندا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *